فاروق سولنگي

فاروق سولنگي

فاروق سولنگي

فاروق سولنگي: مشھور ليکڪ ۽ ڊراما نويس فاروق سولنگي 10 نومبر 1947ع تي دادو شھر ۾ جنم ورتو. هن ايم. اي سوشيالاجيءَ جي ڊگري 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. سندس پھرين ڪھاڻي 1974ع ۾ ’سھڻي‘ رسالي ۾ شايع ٿي، جنھن کان پوءِ 1980ع تائين پاڪستان ٽيليويزن سميت مختلف خانگي ٽي. وي چئنلن تي سندس ڪيترائي ڊراما نشر ٿيا. پي. ٽي. وي تان ”گامون سچار“ ڊرامي جون 26 قسطون نشر ٿيڻ کان پوءِ سندس شھرت ۾ اضافو ٿيو. بعد ۾ هن اردو ڊراما به لکيا، اردو ڊراما سيريل ”بيچاره“ جون 12 ۽ ”دنيا ديواني“ سيريل جون 9 قسطون پي. ٽي. وي تان نشر ٿيون. ان کان علاوه هن ڪيترائي سولو پلي به لکيا. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”سرد هوائون“ 2000ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته ”وکريل ماڻھو“ جي نالي سان سندس ناول به ڇپجي چڪو آهي. فاروق سولنگي سوشل ويلفيئر آفيسر طور رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ 13 جولاءِ 2009ع تي دادوءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ فاروق سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.11.10  عيسوي

مشھور ليکڪ ۽ ڊراما نويس فاروق سولنگي 10 نومبر 1947ع تي دادو شھر ۾ جنم ورتو.


2009.07.13  عيسوي

فاروق سولنگي 13 جولاءِ 2009ع تي دادوءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام ڪارائڙو
الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاهه
چندر گپت موريا
اشرف شاهه ڪامارائي
سيد حامد نوبهار شاهه
رانجهو
ڄام اوڍر سمو
اسلم آزاد ڊاڪٽر
راجا رنجيت سنگهه
حڪم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون